اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ڪينٽربري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Final decision on lockdown delayed to ‘build consensus’
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
CAA has permitted ‘Flydubai’ for a special flight from Dubai-Faislabad
-
PM reiterates firm resolve to fight coronavirus, save people from starvation, unemployment : Firdous
-
PM Imran extends lockdown for the next two weeks
-
School fee concession directives have no legal basis: PEC Sindh
-
Masses suffer as federal, Sindh govts indulge in blame game over COVID-19
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Sindh Minister assures to take govt on-board in decisions making
-
Over 85 prisoners in Punjab jails test positive for COVID-19
-
Israel’s jail conditions will kill Palestinian prisoners before coronavirus does
-
Over 85 prisoners in Punjab jails test positive for COVID-19