اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون، جهلم جي عوام بلدياتي چونڊن جي تياري ڪري وٺي، وزيراعظم عمران خان جهلم جي عوام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آهي، تمام جلد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو جهلم جي عوام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم مان بلدياتي چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. هن چيو ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ پنجاب ۽ وچ پنجاب کي ڪشمير تائين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام تحت جهلم جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تائين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم تحت جهلم جي صحافين جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi