اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي عڪاس آهي، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي پرڏيهي وزير هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏينهن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏڙن جي انهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي شروعات 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جو عڪاس آهي، ان ڏينهن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، بزرگن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي خواب کي عملي جامو پارايو. اهو ڏينهن اسان کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون. ان موقعي تي آئون ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آهيون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آهي. موجوده حڪومت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پيرا آهي. ان ڏينهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪريون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO