اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Sattar alleges that efforts being made to keep people from voting
-
‘Pakistan ranked 22nd most powerful country’
-
Sharifs ready to challenge Avenfield verdict in IHC
-
PPP supports secularism and diversity in society: former minister Sardar Shah
-
Political manifestos and advertisement appeals in political campaign for GE 2018
-
SJC okays open trial of Justice Shaukat Siddiqui
-
‘It’s a murder of justice’, says Shehbaz on Avenfield verdict
-
PPP, PML-N conned people in the name of CoD: Imran
-
Sectarian discourse returns with Tehrik-e-Labbaik and Tehrik-e-Insaf chiefs’ latest outbursts
-
NAB moves Interior Ministry for placing Sharifs on ECL
-
20th annual Canada Day dinner, award night held
-
20th annual Canada Day dinner, award night held