اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
Appeal to take back Maryam’s tickets submitted, replacement candidates selected
-
FIA takes Zardari’s aide Lawai in physical remand till July 11
-
Captain (r) Safdar not arrested despite court’s verdict
-
PPP supports secularism and diversity in society: former minister Sardar Shah
-
Imran Khan addresses ‘Ulema and Mashaikh conference’ at Golra Sharif
-
Imran Khan addresses ‘Ulema and Mashaikh conference’ at Golra Sharif
-
‘Pakistan ranked 22nd most powerful country’
-
NAB team off to KPK to arrest Safdar
-
Yes, we’re coming back
-
Yes, we’re coming back
-
SNT demands accountability of PPP co-chairman Zardari
-
AJK president condemns Indian terrorism in IHK