اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
FIA takes Zardari’s aide Lawai in physical remand till July 11
-
Appeal to take back Maryam’s tickets submitted, replacement candidates selected
-
Imran Khan addresses ‘Ulema and Mashaikh conference’ at Golra Sharif
-
Was told an example will be made out of me for challenging Khalai Makhlooq: Maryam Nawaz
-
Appeal to take back Maryam’s tickets submitted, replacement candidates selected
-
Sharifs ready to challenge Avenfield verdict in IHC
-
Candidates in race to win sympathies of voters in Umerkot
-
SJC okays open trial of Justice Shaukat Siddiqui
-
SJC okays open trial of Justice Shaukat Siddiqui
-
Govt reduces petroleum prices
-
Yes, we’re coming back
-
My fight is against poverty, not for power