اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan honours Abdul Sattar Edhi on his second death anniversary
-
SC has ordered placement of Zardari, Talpur’s names on ECL: AG
-
Clean water, free healthcare and Pakistan
-
Salman meets Lala at ‘Dabang Tours’ in Toronto
-
Sharifs asked the accountability judge to separate himself from other references
-
Pakistan faces decline in violence-related fatalities this year
-
Talal can’t present witnesses in contempt case now
-
Money-laundering scam: Zardari and sister vow to appear in court after polls
-
Kulsoom Nawaz regains consciousness, says son
-
Mutli-party convention calls for overhaul of education system in Khairpur
-
Surge in terrorism aimed at delaying polls: Imran
-
Sharifs file appeal against Avenfield verdict