سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميرين جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابطن جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates