راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرتشدد ڪاررواين کي ناقابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرتشدد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن جي بلاجواز حملن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچائڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. هجوم جون پرُتشدد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
Extension in winter vacation demanded
-
Wedding functions should be packed up by 11:15pm in Hyderabad: govt
-
Punjab Police continue crackdown on hardened criminals, anti-social elements
-
Verdict on Mian Tariq bail in judge video scandal toady
-
Bilawal seeks justice in ZAB, Benazir cases
-
US has ‘no imminent plans’ for flight operations to Pakistan
-
PML-N, PPP lawmakers meet Buzdar, repose confidence on Imran’s leadership