اسلام آباد-27 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي علائقي خان يونس ۾ جاري اسرائيلي فورسز جي پرتشدد ڪارروائين جي شديد مذمت ڪندي ۽ گهري ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته عالمي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي پڇاڻي لاءِ ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، فلسطين ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، گڏيل قومن سميت عالمي برادري پنهنجون ذميورايون پوريون ڪري. وزيراعظم جي آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته خان يونس ۾ اسرائيل جي بربريت سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا آهن، خان يونس جي علائقي ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال سبب علائقي ۾ عام واهپي جي شين سميت زندگي جي ٻين ضرورتن جي شين جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي،گڏيل قومن سميت عالمي برادري پنهنجون ذميورايون پوريون ڪري، وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشي جا سنگين ڏوهه ڪري رهيا آهن..پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ فلسطينين جي خوداراديت واري حق ۽ اسرائيل پاران فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاري، وزيراعظم چيو ته اسان اهو مطالبو ورجائيون ٿا ته انصاف جي عالمي عدالت فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان تازي فيصلي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدارآمد ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مان پاڪستان ايئر فورس جي ڇهن جهازن ذريعي 1200 ۽ 3 سامونڊي جهازن ذريعي 1500 ٽن امدادي سامان فلسطين موڪليو ويو آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن لاءِ خاص انتظامن جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جئين اهي پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکي سگهن، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي پڇاڻي لاءِ ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Three-day ‘Pakistan Cultural Festival’ concludes in Dushanbe
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
Verdict on Mian Tariq bail in judge video scandal toady
-
Sindh Anti-Corruption Dept launches probe into Sindh House Islamabad scam
-
Extension in winter vacation demanded
-
Foodpanda expands its operations to Sahiwal
-
Engro shuts down Karachi offices for three days after employee tests positive for coronavirus
-
Bill seeking Senate polls by show of hands tabled in NA
-
Funeral prayer of martyred Col Mujeeb offered in Astore
-
Afghan army ‘warmly welcomes’ PTM leaders at Torkham