اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Graft-buster goes after drug officials
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
One dead, 30 injured as train derails near Rohri
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan