اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻئي ملڪ ڊگهي مدي واري ٻطرفي حصيداري کي فروغ ۽ سگهه ڏيندا. تاجڪ صدر وزيراعظم کي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هو سندس سٺي صحت ۽ پاڪستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو خواهشمند آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دوست ملڪ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي مستحڪم بڻائيندا. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان دوستي، گڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ اعتماد جي ڊگهي روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته انهن سٺڱي روايتن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. تاجڪ صدر وزيراعظم کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي موثر فروغ ۾ پاڪستان سان بين الرياستي ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ ۾ مستقل دلچسپي تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates