ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقانوني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پارٽي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Graft-buster goes after drug officials
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
One dead, 30 injured as train derails near Rohri
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan