گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بستين جي توسيع، فلسطينين جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.
متعلقہ مضامین
-
Vermaut seeks screening of rights bodies for spreading fake news about Pakistan
-
Pakistanis can avail logistic discount at China expo
-
IHC reserves verdict in Safdar’s plea seeking foolproof security
-
PDM exploring ways to save its sinking politics: Shibli
-
PDM exploring ways to save its sinking politics: Shibli
-
Terrorist attack on Islamabad Stock Exchange foiled: CTD
-
Terrorist attack on Islamabad Stock Exchange foiled: CTD
-
KP set to develop tourism as industry to create jobs: Mahmood
-
Supreme Court sees no improvement in PIA
-
Supreme Court sees no improvement in PIA
-
AC issues arrest warrant for NAB witness in Paragon case
-
Five die in Abbottabad as jeep falls into gorge