اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته اهي لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانستان جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
PTI government not qualified to run country’s affairs: opposition
-
SU receives first lot of four buses for students under HEC funded project
-
DG Rangers calls on IG Sindh Mushtaq Ahmad Meher
-
ZTBL recovers Rupees 1.347 Billion from Special Recovery Drive through regularizing 5,000 Tractors
-
CEO LWMC visits all workshops early morning
-
Chinese success in rural development worth emulating for Pakistan: envoy
-
Nation urged to follow principles of Quaid-e-Azam to regain past glory
-
Quaid Day 2020
-
The Quaid-i-Azam as a parliamentarian
-
NAB Rawalpinidi recovers Rs196bn in 2020
-
Plane escapes accident as bird hits cockpit windscreen
-
Firdous discusses promotion of ties with Saudi, UAE envoys