اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا فاروق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
اسان جي حڪومت تاريخ جي متختصر ترين اتحادي حڪومت هئي جنهن 16 مهينن ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سياست بدران رياست کي بچائڻ کي ترجيح ڏني: وزيراعظم محمد شهباز شريف
-
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن اسفند يار خان ڪاڪڙ ۽ مٺا خان ڪاڪڙ جي ملاقات
-
پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي گڏجي ريسڪيو ڪيو، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ادارن جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
-
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري فنڪار ظاهر لهڙي جي ملاقات
-
پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
-
ڪوتاهيون دُور ڪري اُميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين، اچو ملي عزم ڪريون: مدد علي سنڌي
-
صدر پاران فواد حسن فواد نگران وفاقي وزير مقرر
-
لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي روايتي پاڪستاني ٽرڪ آرٽ جي نمائش
-
پاڪستان جي رياست جي نمائندگي حڪومت جا ادارا ڪن ٿا: مرتضيٰ سولنگي
-
چين جي ترقي بنا شڪ جي پاڪ چين تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪندي: چيني سفير
-
پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني 11 کان 12 سيپٽمبر تائين ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس
-
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ڪوششن سان وانا سان تعلق رکندڙ سينئر صحافي ظفر وزير کي ڪي پي ڪي حڪومت مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي