ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي گڏجي ريسڪيو ڪيو، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ادارن جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو، ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن گڏجي ڦاٿل ٻارن کي ريسڪيو ڪيو، اسڪول جي ٻارن جنهن بهادري جو مظاهرو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، بٽگرام چيئر لفٽ آپريشن جي ڪاميابي تي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي صلاحيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪ فوج جي ريسڪيو آپريشن اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، انهن ٻارن کي ريسڪيو ڪرڻ اصل مسئلو هو، سوشل ميڊيا تي ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جا جا جوان شهيد ٿيا، جنگيون ڪو ماڻهو نه، فوجون وڙهنديون آهن، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عدم برداشت جي خلاف سرنڊر نه ڪندو، اسان ان جو هر صورت ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان پنهنجي گهر کي پنهنجي انداز سان هلائينداسين، ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته اهڙي قسم جي حرڪتن سان اسان جا حوصلا ڪمزور ٿيندا، اهو پنهنجي غلط فهمي ختم ڪري، اسان پنهنجي شهيدن کي نه وسارينداسين ۽ نه ئي انهن جي حرمت ۽ قرباني کي وسارينداسين ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين سان پئسو گڏ ڪريون ٿا ۽ ان سان نظام هلايون ٿا، اسان ڪنهن خيرات ۾ اها ويڙهه نه وڙهي رهيا آهيون، ڏکڻ وزيرستان ۽ ڪنٽرول لائين يا ڪا ٻي جڳهه هجي پاڪ فوج ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان رڳو پگهار جي لاءِ ڪم نه ٿا ڪن پر انهن کي عزت ۽ احترام ملي ٿو جنهن جي لاءِ اهي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جون ضرورتون پوريون ڪنداسين. هن چيو ته غدر مچائيندڙ خارجين جي لاءِ واضح پيغام آهي ته اهي ڪجهه عرصو ته وڙهي سگهن ٿا پر ڊگهو عرصو ويڙهه جي سگهه انهن ۾ نه آهي، اهي غلط فهمي جو شڪار آهن، انهن کي خبر نه آهي ته انهن جو واسطو ڪنهن سان پيو آهي. هن چيو ته اسان بدنما خودڪش حملي آوارن کان نٿا ڊڄون. هن چيو ته بلوچستان، وزيرستان يا ملڪ جي ٻين حصن ۾ قربانيون ڏيندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي لاءِ الله تعاليٰ جو وڏي اجر جو واعدو آهي. هن عالمن کان سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن به پيغمبر خودڪش حملي جهڙو ڪو عمل ڪيو؟ انهن گمراهن جي خلاف ويڙهه جاري رهندي، دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي سڌي راهه تي آڻي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته انهن کي ملڪ جي قانون موجب عزم حق تحت منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته معصوم ماڻهن جون جانيون وٺڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن ڪير اهڙي ڪڌي حرڪت ڪندو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ملندو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگرانو فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
NCOC advises people to be extra careful during ‘last stage’ of Covid-19 pandemic
-
Father commits suicide after killing disabled daughters
-
As Islamophobia grows, Pakistan and Turkey agree to jointly portray true Islamic values
-
London court did not exonerate Nawaz Sharif, confirms judgment
-
PIA 777 impounded in Kuala Lumpur for non payment of lease
-
A local court in Malaysia holds backs PIA aircraft
-
Provision of basic facilities to people a priority: Asad Umar
-
No member can do opposition while sitting in cabinet: PM
-
Nepalese climbers become first to reach K2’s summit in winter
-
Two held for depositing fake bank receipts
-
Measles outbreak in Chaman leaves three children dead
-
Quake jolts Peshawar, other cities; no loss reported