پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Rawalpindi Corps, Southern Command get new commanders
-
PM Imran approves plan to digitize countrywide land records
-
Shahbaz Gill, Aun Chaudhry lose coveted jobs in Punjab
-
Pak condemns drone attack on Saudi oil pumping facility
-
Democracy is key to our enlightened future: Bilawal
-
Imran Khan on ‘genocide’ in Kashmir and possible war with India
-
Protests mount in Indian Kashmir clampdown
-
Myths and menstruation: Overcoming Pakistan’s period taboo
-
Bilawal summons senior party leaders’ meeting on Sept 18
-
Screams in the night at Indian army camps in Held Kashmir
-
11 Bills introduced on Private Members’ Day in National Assembly
-
IHC adjourns hearing of Nawaz’s appeal till Oct 7