ڪراچي-13 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي گڏيل ڪوششون آفت کان بچڻ جون حڪمت عملي آهن، قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي عوام جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. طوفان بائپر جوائي جي خطري سبب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ به حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي پارٽي چيئرمين جي هدايت جي روشنيءَ ۾ انتظاميه طرفان جاري سرگرمين ۾ ماضيءَ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄاڻايل ضلعن سان تعلق رکندڙ پ پ جا ميمبر به پنهنجن حلقن جي عوام ۽ انتظاميه سان هر وقت رابطي ۾ آهن.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent