اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي، اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿيندي. سمورن سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ دفاع واري اڳوڻي وزير پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي وزيراعظم پاران عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت پهچائي. جڏهن ته وزيراعظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي پاٽي جي نامزد نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Economic growth through infrastructure development
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Now time for Pakistan and Afghanistan to define a new vision: Dr Abdullah Abdullah