جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries