استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو. استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استنبول جي نائب گورنر محمود حرسانلي اولو، اعليٰ ترڪ سول ۽ عسڪري عملدارن، پاڪستان سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ ”پي اين ايس بابر“ جي لانچنگ جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ٻئي جهاز ”پي اين ايس بدر“ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي واپاري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation