اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي، ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن مافياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام جي روين ۾ تبديلي آئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي، هن چيو ته ڀارت جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان کانسواءِ افغانستان ۾ امن عمل جي حوالي سان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي سان ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد عمل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿو ته اسان جو رد عمل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد عمل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پارليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، پارليامينٽ ۾ ان سڄي معاملي تي بحث ڪيو ويندو ۽ اهڙو حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Sahiwal encounter illegal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Chinese New Year celebrated at RME
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
By empowering smaller provinces, people’s problems will be resolved faster: NA speaker