اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus
-
PM to inaugurate Portal ‘Data4Pakistan’ in Islamabad today
-
Punjab Assembly passes resolution for protection of women’s rights
-
CM Punjab to meet PM in Islamabad today
-
Officers of 29th mid-career management course visit CPO
-
Four dead as avalanche hits three vehicles
-
Training held for women MPAs of Punjab on budgeting and planning
-
CPNE concerned over arrest of Mir Shakilur Rehman
-
Bilawal to launch People’s Poverty Reduction Programme in Ghotki