اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 59 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 55 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 55 هزار 100 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 39 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 2 لک 39 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 40 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 10 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 79 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 52 هزار 800 ڪيوسڪ آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1521.99 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.229 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1200 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.321 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. بئراجن ۾ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.10 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.102 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
AMAN-21-The message resonates
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
QAU continues to improve global rankings
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others