اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ قونصلر آفيس اڄ جمعي ڏينهن غيرملڪي معززين جي دوري جي ڪري حفاظتي انتظامن سبب بند رهندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گجرات، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ رابطا آفيسون قونصلر خدمتن جي لاءِ کليل رهنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ دستاويز جمع ڪرائڻ ۽ جمع ڪرڻ جي لاءِ ڪوريئر سروسز پوسٽل ڪليڪشن پوائنٽس پڻ قائم ڪيا ويا آهن. بيان موجب عوام ڊگهي قطارن کان بچڻ جي لاءِ ان سهولت مان فائدو کڻي. پرڏيهي وزارت موجب 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ قونصلر آفيس جي عارضي بندش کانپوءِ معمول جون قونصلر خدمتون سومر 15 جولاءِ تي فوري طور تي ٻيهر شروع ٿي وينديون.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’