اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا جيڪو ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پاڪستان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others