اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’