اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غريوم، اتر وزيرستان ۾ 20 نومبر تي شهيد ٿيندڙ سپاهي شاهزيب جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر جي 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سهيل جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر جي پسني، بلوچستان ۾ 3 نومبر تي شهيد ٿيندڙ لانس حولدار باسط عمران جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جميل جي دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
64 more die of Covid-19 with 1,519 fresh cases
-
64 more die of Covid-19 with 1,519 fresh cases
-
Bilawal hints at bringing no-trust motion against PTI in Punjab first
-
IHC orders removal of ex-ISI chief Asad Durrani’s name from ECL
-
IHC orders removal of ex-ISI chief Asad Durrani’s name from ECL
-
Sri Lanka allows burial of virus victims after protests
-
WHO renews support to strengthen primary healthcare in Pakistan
-
Four booked for selling counterfeit cigarettes
-
Trade deficit widens 10.64pc to $17.53bn in eight months
-
Maryam demands action against PM for ‘insulting’ ECP
-
Reference against Zardari, Talpur adjourned till Mar 17
-
Yousaf Gilani’s victory as senator challenged in ECP