ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي بئنڪاري ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي مالي شموليت کي وڌيڪ وڌائڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، بئنڪنگ سيڪٽر کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي آسان ۽ پهچ جوڳي مالي خدمتن جي فراهمي کانسواءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا ۽ فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪرين دوران تربيت فرهام ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس سنڌ ۾ مختلف بئنڪن جي نمائندن سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي قدمن تي اڳڀرائي سان گڏوگڏ روزگار ۽ مالياتي موقعن کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جائزه اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ مختلف ڪمرشل بئنڪن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز شرڪت ڪئي. اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي صدر چيو ته اهو ڏسڻ حوصلي جوڳو آهي ته عورت کاتيدارن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي نوڪرين ۾ انهن جي حصي ۾ گذريل سالن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۽ ٻين معاشي سرگرمين ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ گهرجي. صدر سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تيز رفتار ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بئنڪنگ انڊسٽري کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز کي استعمال ۾ آڻيندي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هلڻو پوندو. هن بئنڪنگ فراڊ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪن جي حفاظتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بئنڪنگ صارفين جي مفادن جو موثر تحفظ ڪري سگهجي. صدر بئنڪن کي چيو ته اهي پنهنجي صارفين کي پيش ڪئي ويندڙ مختلف سهولتن ۽ مالياتي مصنوعات بابت بيداري پيدا ڪن ۽ گڏ ئي انهن جي بئنڪنگ مسئلن کي تيزي سان حل ڪن. اسٽيٽ بئنڪ جي عهديدارن ۽ ڪمرشل بئنڪنگ جي سربراهن صدر کي ٻڌايو ته برانچ ليس بئنڪنگ، اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ، خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بئنڪنگ ۾ نوڪريون ۽ برابري تي بئنڪنگ جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ عورت اڪائونٽس هولڊرز جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ معذوري جي 2 سيڪڙو ڪوٽا کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Asad hails double-digit growth month for LSM
-
PPP nominee for Senate polls has land grabbing allegations against him
-
Govt provides assistance to 15 million Covid-19 affected laborers: Dr Sania Nishtar
-
PPP nominee for Senate polls has land grabbing allegations against him
-
Indian Conspiracies and the Role of Pak Army
-
SC to hear Ahad Cheema’s bail plea on Wednesday
-
China’s third vaccine enters Pakistan
-
Army conducts tactical drills in Thar desert
-
Former district bar president arrested in IHC attack case
-
OGRA proposes Rs 16 per litre increase in petrol prices
-
The Rise of Poverty in Pakistan
-
UAE-based Pakistani set to streamline recruitment of migrant workers