اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مريضن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن ۾ سنڌ مان 87، پنجاب مان 81، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي ملڪ مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران خدمتن جي اعتراف ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي انهن فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. انهن ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قوم جو فخر آهن. پنجاب مان 81، سنڌ مان 87، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر کي عالمي وبا دوران محنت ۽ لڳاءُ سان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ فرض جي ادائيگي دوران شهادت تي تمغه امتياز (فوت ٿيڻ کانپوءِ) ڏنو ويندو. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان بچائڻ تي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) سان نوازيو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Once upon a time: Pakistan’s fabled storytellers fade away
-
A Choorha is what I’ll always be, for them
-
IG Punjab for improving training programmes
-
‘China committed to support PM Imran Khan’s Vision for Green Pakistan’
-
Pakistanis can avail logistic discount at China expo
-
Yasmin urges PDM rally participants to quarantine themselves
-
PDM exploring ways to save its sinking politics: Shibli
-
Once upon a time: Pakistan’s fabled storytellers fade away
-
Fawad suggests govt to hold talks with opposition
-
LHC orders for making report on petroleum crisis public
-
Masood Khan demands global intervention on demographic change in IOJK
-
Supreme Court sees no improvement in PIA