شرقپور -22 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته محمد نواز شريف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو معمار آهي، گذريل دور ۾ عوامي منصوبن بجاءِ سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون ويون، عام چونڊ ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اسان قبول ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرقپور ۾ مختلف ميگا پراجيڪٽن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، اسعد محمود، پنجاب پوليس جي آفيسرن سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا عوامي ڀلائي جا منصوبا آهن، انهن منصوبن سان نه رڳو هنن علائقن جي صورت تبديل ٿيندي، پر عوام کي درپيش ٽريفڪ جي حوالي سان به مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي. ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. هن چيو ته انهن منصوبن تي 35 ارب رپين جي لاڳت ايندي، جن منصوبن جي اڄ مان پيڙهه جو پٿر رکي رهيو آهيان، ان چيو ته ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي تائين 19 ڪلوميٽر باءِ پاس تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي ۽ ان سان سڄي علائقي ۾ خوشحالي جو انقلاب ايندو، اهڙي طرح ٻيو منصوبو لاهور ڪراچي موٽر وي سڪيان روڊ ۽ مين راوي پل تائين توسيعي منصوبو آهي جنهن سان بي پناهه عوام کي فائدو پهچندو، ٽيون منصوبو عبدالحڪيم موٽر وي تي آسان (انٽرچينج) جي تعمير آهي، چوٿون منصوبو قائداعظم يونيورسٽي جو ڪيمپس آهي ان جي تعمير آهي. پنجون منصوبو اسڪائوٽس ڪاليج آهي جڏهن ته ڇهون منصوبو شاهدره کان ڪالاشاهه ڪاڪو تائين ميٽرو بس جو آهي، انهن منصوبن جي تعمير سان عوام کي بي پناهه فائدو پهچندو. هن چيو ته محمد نواز شريف پاڪستان جي ترقي جو معمار آهي، ملڪ م سي پيڪ آڻڻ، روڊن جو ڄار وڇائڻ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو. 2018ع ۾ پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو ويو، محمد نواز شريف اهو ماڻهو آهي جنهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو. نواز شريف کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، هن جي ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ چيو هو ته مان 90 ڏينهن ۾ 300 ارب ڊالر جيڪي پاڪستان جا ٻاهر پيا آهن انهن کي واپس پاڪستان آڻيندس، پر اڄ تائين هڪ رپيو به پاڪستان ناهي آيو، جيڪڏهن اهو پئسو اچي وڃي ها ته اڄ مون کي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. هن چيو ته عمران خان تي 190 ملين پائونڊ جيڪي پاڪستاني 50 ارب رپين ٺهن ٿا اهو اسڪينڊل آهي، اهڙو اسڪينڊل مون تي به لڳو هو، ان اسڪينڊل جي حوالي سان 2 سال منهنجي خلاف جاچ ڪئي وئي پر منهنجي خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿيو، 190 ملين پائونڊ جي رقم برطانيه ۾ پئي هئي جنهن کي آڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي هئي، نيازي حڪومت برطانيه ۾ پيل پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پارٽي بڻجي وئي پر اهو پئسو پاڪستان جي ناڻي ۾ نه آيو جڏهن ته اهو سپريم ڪورٽ جي ناڻي ۾ هليو ويو. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن برطانيه مان 50 ارب رپين جي رقم ملڪي خزاني ۾ اچي وڃي ها ته پئسو انهن منصوبن تي لڳي ها جن جي پيڙهه جو پٿر اڄ مان رکيو آهي پر اهو پئسو پاڪستان جي خزاني ۾ ناهي آيو. هن چيو ته عمران خان بند لفافو پاڪستان جي ڪابينه ۾ کڻي ويو ۽ چيو ته ان تي ٺپو لڳايو، ان بند لفافي ۾ جيڪڏهن اهو هجي ها ته اسان ڪشمير جو سودو ڪري رهيا آهيون ته ڇا اهو ڪابينه جو فيصلو هو، يا الله نه ڪري پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جو سودو ڪيو آهي ته ڇا اهو ڪابينه جو فيصلو هو. عمران خان جيڪو ان وقت جو وزيراعظم هو چيو ته هن بند لفافي تي صحيحي ڪيو، اهو ڏوهه اهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها ته قوم اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها، اهو سوچي منهنجون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون جيڪڏهن الله نه ڪري ملڪ کي ڪو نقصان پهچي ها ته مستقبل ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪري ها پر الله سائين اسان کي پنهنجي فضل و ڪرم سان ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته جڏهن مان پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيندو هئس ته مخالف چوندا هئا ته هي ماڻهن کي رشوت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ اسان کي ڪاميابي ملي ته اسان هر شاگرد جي گهر ليپ ٽاپ پهچائينداسين. هن چيو ته مهانگائي جو دور جادو سان نه پر محنت سان ختم ڪنداسين.تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته محمد نواز شريف جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور عوام جي لازوال خدمت ڪئي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. معيشت بحالي لاءِ حڪومت ڪا به قصر ناهي ڇڏي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته وزيراعظم ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي کي ڳنڍڻ لاءِ لاهور باءِ پاس جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. انهن منصوبن جي پيڙهه جي پٿر تي شيخو پوره ۽ لاهور جي رهواسين کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته 2018ع کان پوءِ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن کي روڪيو ويو، محمد نواز شريف ملڪ ۾ موٽر ويز جي شروعات ڪئي، اتحادي حڪومت وزيراعظم جي قيادت ۾ موٽر ويز جو تسلسل برقرار رکيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ دوست ملڪن جو اعتماد ٽوڙيو ويو جنهن کي اسان بحال ڪيو، موجوده حڪومت ۾ اين ايڇ اي جا 51 منصوبا شروع ڪيا ويا، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان پنهنجي 14 مهينن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون رکنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Nawaz couldn’t join PDM meeting due to ‘kidney pain’: Maryam
-
Court extends Hamza’s judicial remand in Ramazan Sugar Mills case till Dec 1
-
SHC orders govt to provide security to Bilawal Bhutto
-
Court directs ACE to present PML-N former MPA today
-
Pakistani products have potential to find a market in China: official
-
PM Imran Khan meeting with Afghan President Ashraf Ghani on Maiden Visit Today
-
Pre-coronavirus economy was on steady recovery: SBP report
-
Coronavirus becoming deadlier in Pakistan
-
CPDI launches report on state of budget transparency in Pakistan
-
Rigging allegations have become a tradition in Pakistan: Mahmood Moulvi
-
Intra-Afghan dialogue vital for Afghan peace: Qureshi
-
Intra-Afghan dialogue vital for Afghan peace: Qureshi