اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪيو. سدائين ڪوشش رهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پرڏيهي وزير چيو ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.
متعلقہ مضامین
-
People urged to take part in 3rd phase of Covid-19 vaccine trials
-
Coronavirus positivity rate goes above 2% in Pakistan
-
SC issues notice to PM Imran for attending political event
-
Pakistan calls for joint efforts for better health outcomes
-
Motorbike ambulance service: access to the inaccessible
-
People appreciate extension in date for payments under Ehsaas programme
-
Will appear in handcuffs for sedition probe, says AJK PM
-
PTI decides to launch campaign in Sindh to counter PDM
-
PM calls for strict implementation of SOPs to avoid Covid-19 spread
-
PTI decides to launch campaign in Sindh to counter PDM
-
PTI decides to launch campaign in Sindh to counter PDM
-
PM asks Tiger Force volunteers to regularly check prices of eatables