اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قومي نقصان جو به سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. واضح رهي ته جعلي خط ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Primary schools open from today across country