اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي غور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادارن جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اين ڊي ايم اي جي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطرن جي تعين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Economic growth through infrastructure development
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country