اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Economic growth through infrastructure development
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Now time for Pakistan and Afghanistan to define a new vision: Dr Abdullah Abdullah