اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان و??يڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌاي?? ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان و??يڪ معاملن ?? کاتيدارن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌاي?? ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان و??يڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن و??يڪ چي?? ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چي?? ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فن??ز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ?? سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياري?? ته جيئن کاتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
CM Maryam Nawaz pledges free healthcare for patients returning from India
-
مناظر فطرت اور سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
لائیو ڈیلر آفیشل تفریحی لنک: آن لائن کھیلوں میں نئے دور کا آغاز
-
Pakistan, India stalemate exposed during Aizaz, Jaishankar meeting
-
Sindh CM urges WB to finance Karachi mega projects
-
NAB convicts 2 insurance officials
-
PML-Q to join PTIs sit-in against govt
-
Reforms needed to restore people’s faith in governance: speakers
-
COAS Bajwa meets president, PM Nawaz
-
NS الیکٹرانک تفریح آفیشل پلیٹ فارم
-
فارچیون ڈریگن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
پی جی الیکٹرانکس اور ایماندار تفریحی داخلہ کی خدمات