اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪندي مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Pakistan conducts another successful launch of surface to surface ballistic missile “Nasr”
-
Pakistan urges India to stop anti-Pakistan rhetoric in its domestic politics
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
EPD fails to update air quality monitoring system
-
Hamza allowed to travel abroad
-
Abducted neurosurgeon returns home safely after 48 days