اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
South Africa win toss, to field against Pakistan in series decider
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US