اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سياحت جي شعبي کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت جي شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفاقي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته نجي شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.
متعلقہ مضامین
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
SBP maintains interest rate at 5.75 percent
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle