اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ شهداءِ پوليس، بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شهيد آفيسرن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏوهن جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربانيون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته شهيد آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهيدن جي ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيدن جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير طور پڻ پنهنجي دور ۾ پوليس جي شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case