اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي ملهائجندڙ آزادي جي تقريبن جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ طور ملهائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزيڪل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافتن جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ڊرون شو شامل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رنگ روغن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو بنڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويندو. جنهن ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ڊرون شو شامل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مفت جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي پنهنجي تعاون سان گڏوگڏ انهن جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگهن. اجلاس چيئرمين محمد علي رنڌاوا پاران وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
AMAN-21-The message resonates
-
Aman-21: the message resonates
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Is it over for Ghani?
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
PM got vote of confidence in NA ‘through coercion’