اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار بختيار سيدوف کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان واپار، اقتصادي ميدان سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو. ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، پاڪستان اسان جي لاءِ پنهنجي ٻئي گهر وانگر آهي. ازبڪ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates