نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير منعقد اجلاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Bodies of a man, girl recovered from Bara River
-
Rehabilitation being carried out at fast pace
-
Pakistan largely complied with 36 of 40 FATF parameters: APG report
-
Fazl threatens to shut down entire country if ‘Azadi March’ obstructed
-
Shahbaz Sharif to lead his party workers in Azadi March
-
HRCP concerned over govt attempts to undermine political opposition
-
NAB starts probe against Sardar Muhammad Bux Khan Mahar
-
One dead as aftershocks continue in Azad Kashmir
-
Pakistan rejects Indian Defence Minister’s comments on FATF
-
Pakistan rejects Indian Defence Minister’s comments on FATF
-
SC restores membership of NA Deputy Speaker Qasim Suri
-
Strategy devised to coop with JUI-F march