اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو اربين جو پرڏيهي ناڻو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستاني کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي پرڏيهي پاڪستانين بابت خاص معاون جواد سهراب ملڪ سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اوورسيز پاڪستانيز واري وزارت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي معيشت ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن هدايت ڪئي ته اوورسيز پاڪستانيز کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
متعلقہ مضامین
-
Speaker dismisses ‘fake’ resignations by PML-N MNAs
-
Pakistan to purchase 1.2 million doses of Covid-19 vaccine from Chinese company
-
JUI-F district leader among 350 booked for temple attack
-
JUI-F district leader among 350 booked for temple attack
-
Lahore CCPO Umar Sheikh removed from post
-
PAS new council assumes office today
-
KMU in collaboration with WHO sets up curriculum to address GBV
-
KMU in collaboration with WHO sets up curriculum to address GBV
-
All is about a well and child
-
Law Ministry dealt with 17 ordinances, 36 acts in 2020
-
Pakistan urges UN to provide legal protection to Asiya Andrabi
-
Thar a fertile land for tolerance, love and wisdom