اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره سليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم به ان ڪوشش سان پاڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نميره سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حاصل آهي. نميره سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
NAB issues notice on irregularities in Sindh Healthcare Commission
-
Provision of basic facilities to people a priority: Asad Umar
-
Aman-7 — A feather in Pakistan Navy’s cap
-
LADIESFUND power lunch held in Karachi
-
LADIESFUND power lunch held in Karachi
-
LADIESFUND power lunch held in Karachi
-
Pakistan offers supportive environment to investors: envoy
-
COAS reiterates support for Afghan peace
-
Pak-US ties must focus on peace in Afghanistan, partnership: SAPM
-
Cigarettes sale surges by 19.2% in Punjab amid Covid-19
-
CAA slaps Turkish Airlines with Rs 100,000 fine for violating SOPs
-
Begum Alvi grieved over killing of two special girls by father