اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Forest department removes encroachments from 1000 acres of land in Kundah Forest
-
Support to Palestinians cardinal pillar of Pakistan’s foreign policy: Munir
-
Man acquitted after languishing 14 years in jail for lack of evidence
-
Next OIC CFM meeting to be held in Pakistan: FM
-
Man acquitted after languishing 14 years in jail for lack of evidence
-
TikTok craze claims another life in Karachi
-
Govt to work with church leaders against forced conversions, underage marriages
-
TikTok craze claims another life in Karachi
-
Buzdar allows free treatment of ordinary citizens
-
Govt increases HSD price by Rs4/litre
-
SC rejects plea against Qazf proceedings in false rape case
-
Pakistan, China sign MOU to enhance defence cooperation