اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Police file two cases against PDM activists, leaders
-
PM prays for Maulana Tariq Jameel’s swift recovery from Covid-19
-
‘China committed to support PM Imran Khan’s Vision for Green Pakistan’
-
‘China committed to support PM Imran Khan’s Vision for Green Pakistan’
-
Pakistanis can avail logistic discount at China expo
-
Bail petition: Khursheed Shah’s counsel seeks more time to respond queries of SC
-
Once upon a time: Pakistan’s fabled storytellers fade away
-
Terrorist attack on Islamabad Stock Exchange foiled: CTD
-
Indian envoy summoned over ceasefire violations
-
WB doubles aid package for Ehsaas Programme
-
LHC orders for making report on petroleum crisis public
-
UN has clarified 174 cases of missing persons: NAB