اسلام آباد- 27 جولاءِ ( اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا، وفاقي سيڪريٽريز، سينيئر آفيسرن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28.4 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ۾ مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545.021 ملين رپيا لاڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ان لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ايڇ اي ان منصوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت 10689.807 ملين رپيا آهي، جنهن ۾ 4934.56 ملين رپين جي غير ملڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪلوميٽر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 14257.29 ملين رپين جي لاڳت ايندي. هي منصوبو اين ايڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 27753.76 ملين رپيا لاڳت ايندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ماڊلنگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ان منصوبي تي 61793.36 ملين رپيا لاڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 1047988.84 ملين رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي لاءِ 187098.9 غير ملڪي ۽ 820742.99 ملين رپيا چيني قرض حاصل ڪيو ويندو. منصوبي تحت ميانوالي ۾ 1200 ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تي 12338.294 ملين رپين جي لاڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پاڪستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ان منصوبي تي 21518.677 ملين رپيا لاڳت ايندي. عالمي بئنڪ ان منصوبي لاءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan’s film Parwaz Hai Janoon has been permitted to release in china
-
Govt to appoint Naeem Bokhari as Chairman PTV
-
Pakistan contacts two firms to pre-order coronavirus vaccine
-
Science Diplomacy Web Page launched by the Foreign Ministry
-
Govt to introduce ‘show of hands’ in Senate polls
-
TLP call off protest after Govt agree to remove French ambassador from the country
-
Science Diplomacy Web Page launched by the Foreign Ministry
-
Govt to introduce ‘show of hands’ in Senate polls
-
Small dams in Nagarparkar
-
Sargodha University’s four faculty members among top 2% scientists of world
-
Vision for an energy secure Punjab
-
Sargodha University’s four faculty members among top 2% scientists of world