اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران جيڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان جو عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي حج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.
متعلقہ مضامین
-
ML-1 rail project to ensure massive economic activity in country: PM
-
PM Imran asking for an NRO but won’t get it: Maryam
-
Bilawal ‘disowns’ Nawaz Sharif’s tirade against military leadership at PDM rally
-
Three foreigners harassed in the federal capital
-
Condolence reference held for pominent IT scientist Dr. Ismaili
-
Rally in Kashmir in remembrance of 1947 martyrs
-
Rally in Kashmir in remembrance of 1947 martyrs
-
Kashmiris only want right to self-determination, says minister
-
Kashmiris only want right to self-determination, says minister
-
CTD guns down two suspected militants in Punjab, seizes weapons
-
AJK president opens Future World School in Islamabad
-
Buzdar rejects proposal to increase entrance fee at archaeological sites